SLA Logo
آن لائين سنڌي لغتون

Online Sindhi Dictionaries

لفظ ٽائيپ ڪريو


مهاسڀا- ڪَٺُ


بين الاقوامي تعلقات جي ڊڪشنريءَ مان:


مهاسڀا- ڪَٺُ

Congress

ڪانگريس

بين الاقوامي سطح تي رياستي نمائندن جو ٿيندڙ وڏو ڪٺ يا اجتماع، جنهن ۾ دنيا کي درپيش اهم مسئلن بابت تفصيلي بحث ڪيو وڃي ۽ انهن مسئلن جي ننڍن وڏن پهلوئن کي نظر ۾ رکندي ڪو مناسب حل تجويز ڪيو وڃي. ”ڪانگريس“ عام طور تي وڏن بحرانن ۽ مونجهارن کي منهن ڏيڻ لاءِ بين الاقوامي سطح تي سڏرائي وڃي ٿي. ان موقعي تي مختلف قومن جا مُدبر، سفارتڪار، قانوني ۽ جنگي ماهر پنهنجيون تجويزون ڏيندي عالمي برادري لاءِ مناسب قدم تجويز ڪندا آهن. ان سلسلي ۾ يورپ کي درپيش مسئلن جي حل لاءِ سڏايل ”ڪانگريس آف ويانا“ (1815ع) مثال طور پيش ڪري سگهجي ٿي، جنهن ۾ يورپي ملڪن کي فرانس جي قبضي کان آزادي ملڻ سبب يورپ جي نئين سر سياسي ۽ جاگرافيائي جوڙ جڪ عمل ۾ آئي. ان کان علاوه سياسي پارٽيون ۽ بين الاقوامي سطح جا نظرياتي گروهه پنهنجي گڏجاڻين کي پڻ ”ڪانگريس“ جو درجو ڏيندا آهن، ٻئي طرف دنيا جي وڏن قانون ساز ادارن کي پڻ هن نالي سان سڏيو وڃي ٿو، جنهن ۾ آمريڪي ۽ ڀارتي ڪانگريس جا ادارا خاص طور ذڪر لائق آهن


Remember Me Also:

جالارو

ذ. صفت. تمام گهڻو ، زياده پاڻي. زياده وهندڙ ، گهڻو وهندڙ پاڻي. اٿاهه ،گهڻائي ۾.

Let's Learn Sindhi

Online Sindhi Learning

SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.

Visit the site

Virtual Books Library

SLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.

Visit the library

Portal for Sindhi Kids

For the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.

Go to portal